علم اقتصاديات ڀاڱو پهريون

علم اقتصاديات ڀاڱو پهريون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب يارهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ رهنما آهي. جيڪو شيخ انوار الحق ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 15 عنوان شامل آهن، جن ۾ :1- معاشيات جو نفس مضمون، 2- بنيادي اصلاح، 3-پيدائش دولت، 4- پيدائش جا پيمانا ۽ پيداوار جا اصول، 5- مارڪيٽ يا منڊي، 6- ڪارج، 7-طلب، 8-رسد، 9-قيمتون مقرر ڪرڻ جو مسئلو،
10 - قومي آمدني ۽ ان جي ورهاست، 11-پاڪستان جا معاشي مسئلا، 12- پاڪستان جا قدرتي ذريعا، 13-آبادي، 14- زرعي مسئلا ۽ زرعي سڌارا، 15 - پاڪستان ۾ صنعتي ترقي وغيره. ڪرائون سائيز جي 297 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي عجائب اسٽور فرنٽيئر روڊ سکر 1972ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت پنج روپيا 50 پئسا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو